Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:9 - Common Language New Testament

9 پر جيڪڏھن ماڻھو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇالاءِ⁠جو شھوت ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بھتر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر جي هو پاڻ کي جهلي نٿيون سگهن تہ ڀلي پرڻجن. ڇالاءِ جو سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي وس ۾ رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ڳالھين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي، تنھنڪري اوھان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻھرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.


پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي.


پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران.


جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس.


زال ايتري وقت تائين ٻڌل آھي جيستائين سندس مڙس جيئرو آھي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي ٿو تہ ھوءَ آزاد آھي، جنھن سان وڻيس تنھن سان پرڻجي، بشرطيڪ اھو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو ھجي.


اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،


پر جوان رنن⁠زالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.


تنھنڪري آءٌ جوان رنن⁠زالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ