Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:7 - Common Language New Testament

7 تنھن ھوندي بہ منھنجي اھا خواھش آھي تہ سڀ ماڻھو مون وانگر ھجن. پر ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي خدا کان پنھنجي پنھنجي ڏات مليل آھي، ڪنھن کي ڪھڙي تہ ڪنھن کي ڪھڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ايشور کان پنهنجو پنهنجو وردان مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙو تہ ڪنهن کي ڪهڙو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي نعمت مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙي تہ ڪنهن کي ڪهڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس وراڻيو تہ ”ٿوري يا گھڻي وقت ۾، پر منھنجي تہ خدا جي در اھا دعا آھي تہ شل اوھين ۽ ھي ٻيا جيڪي منھنجي ٻڌي رھيا آھن، سي مون جھڙا ٿين سواءِ ھنن زنجيرن جي.“


خدا جيڪو فضل اسان کي ڏنو، تنھن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آھن. تنھنڪري جيڪڏھن ڪنھن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو پنھنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي.


پر اھي سڀيئي ڪم ھڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب ھر ڪنھن کي جدا جدا نعمتون ورھائي ٿو ڏئي.


روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آھن، پر پاڪ روح تہ ھڪڙو ئي آھي.


پر اڻ⁠پرڻيلن ۽ رنن⁠زالن کي منھنجو چوڻ آھي تہ انھن لاءِ اھو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ ٿو رھان تيئن ھو بہ رھن.


پر مون انھن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آھي ۽ نڪي آءٌ ھي انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان تہ اھڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پھريائين مرڻ بھتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اھو فخر کسي وٺي.


اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ