1.ڪرنٿين 7:5 - Common Language New Testament5 اوھين ھڪ ٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ جيئن اوھان کي دعا گھرڻ لاءِ وقت ملي. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو. متان پرھيزگاريءَ جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوھان کي برغلائي وجھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible5 اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين پرارٿنا ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان ۾ برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible5 اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |