Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:34 - Common Language New Testament

34 اڻ⁠پرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري عورت خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جي فڪر ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهي. جڏهن تہ پرڻيل عورت کي دنياوي فڪر بہ رهي ٿو تہ هوءَ ڪيئن مڙس کي راضي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي.


پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.


ڇالاءِ⁠جو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.


پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہ⁠دليو آھي.


اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو.


ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي.


خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.


منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي گھر سنڀالڻ جي خبر ناھي تہ اھو خدا جي ڪليسيا جو ڪھڙو بندوبست رکي سگھندو؟


اھا رن⁠زال جيڪا سچ⁠پچ رن⁠زال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.


اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ