Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:31 - Common Language New Testament

31 دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انھيءَ ۾ ئي غلطان ٿي نہ وڃن، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو رنگ ڍنگ تبديل ٿيندو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 مطلب تہ سنسار جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 مطلب تہ دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:31
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن.


روئڻ وارا ائين روئن ڄڻ تہ روئن ئي نہ ٿا، خوشي ڪرڻ وارا ائين خوشي ڪن ڄڻ تہ خوشي ڪن ئي نہ ٿا، خريد ڪرڻ وارا ائين ٿين جو ڄڻ تہ وٽن ڪابہ ملڪيت ڪانھي.


تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.


سو اھي لفظ تہ ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ،“ اھو ظاھر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي خلقيل شين وانگر گم ٿي وينديون. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رھن.


پر اوھان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانھي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوھان جي زندگي آھي ئي ڇا؟ اوھين تہ ھڪڙي ٻاڦ آھيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن، ۽ انھن جو سمورو شان گاھہ جي گل وانگر آھي. گاھہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


دنيا ۽ سندس موھيندڙ شيون فنا ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب ھلي ٿو تنھن کي دائمي زندگي ملي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ