Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:28 - Common Language New Testament

28 پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو پاپ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو پاپ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن جيون ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو گناهہ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو گناهہ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:28
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو.


جيڪڏھن پرڻيل آھين تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر ۽ جيڪڏھن اڻ⁠پرڻيل آھين تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪر.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن.


آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو.


سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ