Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:26 - Common Language New Testament

26 ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 منهنجي خيال ۾ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري بهتر هيئن آهي، تہ جهڙو ماڻهو آهي تهڙو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:26
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ڏينھن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.


افسوس آھي انھن عورتن تي جيڪي انھن ڏينھن ۾ پيٽ سان ھونديون يا ٻار ٿڻن تي ھوندن، ڇالاءِ⁠جو ھن ملڪ تي وڏي آفت ايندي ۽ ھن قوم تي غضب نازل ٿيندو.


ھاڻي جن ڳالھين بابت اوھان لکي پڇيو آھي، تن مان ھڪڙي ھيءَ آھي تہ ’مرد لاءِ چڱو آھي تہ عورت کي ھٿ بہ نہ لائي.‘


جيڪڏھن پرڻيل آھين تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر ۽ جيڪڏھن اڻ⁠پرڻيل آھين تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪر.


پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران.


پر اڻ⁠پرڻيلن ۽ رنن⁠زالن کي منھنجو چوڻ آھي تہ انھن لاءِ اھو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ ٿو رھان تيئن ھو بہ رھن.


تہ اوھين اھو سمجھي ڄڻ تہ خداوند جو ڏينھن اڳي ئي اچي ويو آھي، پنھنجن خيالن ۾ سولائيءَ سان ڊانوانڊول نہ ٿيو. نڪي اوھين پريشان ٿيو، نہ ڪنھن اڳڪٿيءَ کان، نہ ڪنھن افواھہ کان ۽ نہ ڪنھن خط کان جيڪو اسان وٽان آيل سمجھو.


ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ