Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:25 - Common Language New Testament

25 ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي پرميشور جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي پرميشور پنهنجي ديا پرگھٽ ڪئي آهي سو ڀروسي جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي خداوند پنهنجي رحمت نازل ڪئي آهي سو اعتماد جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.


۽ جن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آھي تن جو فرض آھي تہ ايماندار رھن.


باقي جيڪي پرڻيل آھن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنھنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي.


باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي.


پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران.


اڻ⁠پرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري.


منھنجي راءِ آھي تہ جيڪڏھن اھا نہ پرڻجي تہ وڌيڪ خوش رھندي ۽ آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آھي، جيڪو منھنجي ھدايت ڪري ٿو.


انھيءَ ڳالھہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڪريان.


جيڪي ڪجھہ آءٌ ھاڻي چوان ٿو سو خداوند جي طرفان نہ، بلڪ ڄڻ تہ ھڪ بي⁠وقوف وانگر پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري چوان ٿو.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ