Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:21 - Common Language New Testament

21 جيڪڏھن خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آھين تہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏھن تون آزاد ٿي سگھين ٿو تہ موقعو ھٿان نہ وڃاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جي تون غلاميءَ ۾ سڏيو ويو هجين تہ فڪر نہ ڪر. پر جي آزاد ٿي سگهين تہ اُهو بهتر ڄاڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 توڙي جو ايشور جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ چنتا نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 توڙي جو خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين ھن لاءِ خيال نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ ’ڇا پيئنداسين‘ ۽ ھن بابت اوھان کي ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ نہ گھرجي.


”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.


جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.


جنھن کي خدا جھڙيءَ حالت ۾ سڏيو آھي، سو انھيءَ ئي حالت ۾ رھي.


تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي.


تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو.


ھيءَ ڳالھہ آءٌ ضرورتمند ھجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون ھر حالت ۾ راضي رھڻ سکيو آھي.


ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.


اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.


پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِ⁠جو خدا پاڻ چيو آھي تہ ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس، ۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“


پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ