Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:2 - Common Language New Testament

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 پر متان زناڪاريون ٿين، تنهنڪري ڀلي تہ هرڪو مرد ۽ هرڪا زال شادي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ پتي پنهنجي پتنيءَ سان رهي ۽ هر هڪ پتني پنهنجي پتيءَ سان رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري.


ھاڻي جن ڳالھين بابت اوھان لکي پڇيو آھي، تن مان ھڪڙي ھيءَ آھي تہ ’مرد لاءِ چڱو آھي تہ عورت کي ھٿ بہ نہ لائي.‘


ھر مڙس کي پنھنجيءَ زال جو حق ادا ڪرڻ گھرجي ۽ ساڳيءَ طرح ھر ڪنھن زال کي پنھنجي مڙس جو.


پر جيڪڏھن ماڻھو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇالاءِ⁠جو شھوت ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بھتر آھي.


ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو.


اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،


اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ