Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:17 - Common Language New Testament

17 پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ڪي سبب آھن جو ماڻھو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي کدڙا آھن، ڪن کي ماڻھن کدڙو ڪيو آھي ۽ ڪي آسمان واري بادشاھت جي لاءِ کدڙا ٿيا آھن. جيڪو اھا ڳالھہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“


اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا.


جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“


جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.


ڇالاءِ⁠جو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي.


ھاڻي آءٌ يروشلم جي ڪليسيا جي مدد لاءِ چندي بابت اوھان کي ٻڌايان ٿو. جيئن مون گلتيا جي ڪليسيائن کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن اوھين بہ ڪجو.


انھيءَ سبب ڪري آءٌ تيمٿيس کي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. ھو خداوند جو ھئڻ ڪري منھنجو پيارو ۽ وفادار فرزند آھي. ھو منھنجا اھي طريقا جيڪي مسيح جو ھجڻ ڪري منھنجي زندگيءَ ۾ آھن، اوھان کي ياد ڏياريندو، جھڙيءَ طرح آءٌ ھرھنڌ ھر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.


جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻ⁠طھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنھن حالت ۾ چونڊيو ويو آھي، سو انھيءَ حالت ۾ خدا سان رھي.


تنھن ھوندي بہ منھنجي اھا خواھش آھي تہ سڀ ماڻھو مون وانگر ھجن. پر ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي خدا کان پنھنجي پنھنجي ڏات مليل آھي، ڪنھن کي ڪھڙي تہ ڪنھن کي ڪھڙي.


ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي.


ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.


ان وقت يھوديہ جي علائقن ۾ جيڪي مسيحي ڪليسيائون ھيون، تن منھنجي شڪل بہ نہ ڏٺي ھئي.


ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.


تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ