Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:2 - Common Language New Testament

2 ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ خدا جي قوم دنيا جو انصاف ڪندي؟ جيڪڏھن دنيا جو انصاف اوھان جي ھٿان ٿيڻو آھي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن جا بہ اوھين لائق نہ آھيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ئي سنسار جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن سنسار جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ئي دنيا جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“


اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.


ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


تنھنڪري جيڪڏھن اوھان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آھن تہ انھن فيصلن لاءِ اوھين اھڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي اوھان جي ڪليسيا جا ئي نہ آھن؟


سو اسين ڏٺل شين تي نہ، بلڪ اڻ⁠ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا. ڇالاءِ⁠جو جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آھن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آھن.


شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا.


جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ