Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:19 - Common Language New Testament

19 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر آهي؟ اها پوِتر آتما جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي سا ايشور اوهان کي بخشي آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر عيسيٰ تہ پنھنجي بدن جي ھيڪل بابت ڳالھہ ٿي ڪئي.


اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.


اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟


ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.


ڇا اوھين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ ھن دنيا جا معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟


ھو سڀني جي لاءِ انھيءَ ڪري مئو تہ جيڪي جيئرا آھن سي اڳتي پنھنجي لاءِ نہ پر ھن جي لاءِ جيئن، جيڪو انھن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.


خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”آءٌ انھن ۾ رھندس ۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انھن جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ