Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:7 - Common Language New Testament

7 پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پوِتر بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو فصح جي تهوار وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ ٻليدان ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“


اھو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ منجھند جو وقت ھو. پلاطس انھن ماڻھن کي چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اوھان جو بادشاھہ.“


عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين.


جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.


ڇالاءِ⁠جو ڌارين تي خدا پاڻ فتويٰ ڏيندو. پر ”اوھين پنھنجي ٽولي مان انھيءَ بڇڙي ماڻھوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“جيئن پاڪ لکت ۾ آھي.


تہ پنھنجي پراڻي فطرت کي سندس اڳوڻي ھلت چلت سميت لاھي ڇڏيو، جيڪا برين خواھشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي.


اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، جلال ۽ تعريف جي لائق آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ