Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:21 - Common Language New Testament

21 اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ آءٌ اوھان وٽ ڏنڊي سان اچان يا پيار ۽ نماڻائيءَ واري روح سان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 اوهين ڇا ٿا گهُرو؟ آئون لٺ کڻي اوهان وٽ اچان يا پيار ۽ نرم مزاجيءَ سان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھان مان ڪن ٻٽاڪون ھنيون آھن، ڄڻ تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ئي ڪونہ.


اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.


آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو.


اسين تيار ٿا رھون تہ جڏھن اوھان جي فرمانبرداري مڪمل ٿئي، تڏھن ھر طرح جي نافرماني ڪندڙ کي سزا ڏيون.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.


مون طيطس کي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوھان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنھي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ ھلياسين ڇا؟


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


جڏھن اڳئين دفعي آءٌ اوھان وٽ موجود ھوس، تڏھن اوھان کي ان وقت ئي تاڪيد ڪيو ھوم. ھاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ بہ انھن ماڻھن کي، جن ھيستائين گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ اھڙن ٻين سڀني کي ٻيھر تاڪيد ٿو ڪريان تہ جڏھن آءٌ وري ايندس تڏھن ڪنھن کي بہ نہ ڇڏيندس.


مون پنھنجيءَ دل ۾ اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ آءٌ وري اوھان وٽ غمگين ٿي نہ ايندس.


۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي.


ڇالاءِ⁠جو حقيقت ڪري جيڪو اڳ جلوي وارو ھو، سو ھن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري جي ڀيٽ ۾ ڄڻ تہ بي⁠جلوي ٿي پيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


پر اسين اوھان منجھہ اھڙي نرميءَ سان رھياسين، جھڙيءَ طرح ماءُ پنھنجن ٻارڙن کي پاليندي آھي.


پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ