Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:20 - Common Language New Testament

20 ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت ڳالھين تي نہ، پر طاقت تي مدار رکي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت ڳالهين تي نہ پر طاقت تي منحصر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ ڳالهين تي نہ، پر شڪتيءَ تي مدار رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي ڳالهين تي نہ، پر قدرت تي مدار رکي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.


پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي.


منھنجي تقرير ۽ تبليغ، ڏاھپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جھڙيون ثابت ٿي ويون،


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ