Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:8 - Common Language New Testament

8 پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هاڻي جيڪو پوکي ٿو ۽ جيڪو پاڻي ڏئي ٿو، سي ٻئي هڪ آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس پورهئي موجب اُجورو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر لاڀ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


ھن ان کي بہ چيو تہ ’ھاڻي تون پنجن شھرن جو حاڪم آھين.‘


خدا ھر ڪنھن کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.


سو نہ پوکيندڙ ۽ نڪي پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ آھن، پر خدا آھي جيڪو وڌائي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.


جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِ⁠جو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس.


ڇا ڪڏھن ڪو پنھنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آھي؟ ڇا اھڙو ڪو مالھي آھي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اھڙو ڪو ڌنار آھي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انھيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو ڪم آڻي؟


تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.


ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو ماڻھو پنھنجو بار پاڻ کڻندو.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


پوءِ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي اھڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏھن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


خبردار، اوھان جيڪي ڪم ڪيا آھن سي متان برباد ڪري ڇڏيو، بلڪ اوھان کي پورو پورو اجر ملي.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ