Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:10 - Common Language New Testament

10 خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو خدا جو فضل جيڪو هن مون کي بخشيو آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:10
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟


”تنھنڪري جيڪوبہ منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل ڪري ٿو سو اھڙي سياڻي ماڻھوءَ مثل آھي جنھن پنھنجو گھر ٽڪر تي اڏايو.


تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي.


عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


جڏھن اپلوس جي مرضي ٿي تہ ”آءٌ يونان جي پرڳڻي اخيا وڃان،“ تہ ڀائرن کيس ھمتايو ۽ يونان جي شاگردن ڏانھن تاڪيدي خط لکيائون تہ ھو يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. جڏھن ھو اتي پھتو تہ ھو انھن جو وڏو مددگار ٿي پيو، جن خدا جي فضل سان ايمان آندو ھو،


انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين.


آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي.


پر ھن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوھان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آھي. خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو آھي تہ


مون اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آھي اُتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انھيءَ لاءِ تہ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان.


سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي.


جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي.


اسين ٻين جي محنت تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، پر اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوھان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جو ڪم مقرر ڪيل حد مطابق اوھان ۾ وڌندو ويندو.


اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.


انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


ان کان سواءِ ارخپس کي چئجو تہ جيڪو ڪم خداوند جي خدمت لاءِ تو کي مليو آھي، تنھن کي ضرور پورو ڪجانءِ.


سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.


انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.


شھر جي ڀت جا بنياد ھر قسم جي ھيرن جواھرن سان سينگاريل ھئا. پھريون بنياد زبرجد جو ھو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب چراغ جو، چوٿون زمرد جو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ