Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 2:15 - Common Language New Testament

15 روحاني ماڻھو سڀني ڳالھين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انھيءَ کي ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پر جيڪو روحاني ماڻهو آهي سو سڀ ڳالهيون جاچي ٿو، پر خود کيس ڪو ٻيو نٿو جاچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جنهن ماڻهوءَ ۾ پوِتر آتما رهي ٿي، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پوِتر آتما واري کي بنا پوِتر آتما وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جنهن ماڻهوءَ ۾ پاڪ روح رهي ٿو، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پاڪ روح واري کي بنا پاڪ روح وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 2:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي مرضيءَ موجب ھلڻ چاھي ٿو تہ ھو انھيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اھا خدا وٽان آھي يا آءٌ پنھنجي طرفان ٿو چوان.


پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.


جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو.


انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي.


سڀني ڳالھين کي پرکيو، جيڪا چڱي ھجي تنھن کي اختيار ڪريو.


پر سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آھي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آھن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


اوھان ۾ پاڪ روح وڌو ويو آھي، تنھنڪري اوھان سڀني کي سچائيءَ جي خبر آھي.


اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ