Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 2:13 - Common Language New Testament

13 اسين اھي ڳالھيون ماڻھن جي ڏاھپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين روحاني ڳالھيون روحاني لفظن سان ئي سمجھايون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهن ڳالهين جو اسين اهڙن لفظن ۾ بيان نٿا ڪريون، جي ماڻهوءَ جي ڏاهپ ٿي سيکاري، پر اهڙن ۾ جي روح ٿو سيکاري، ۽ روحاني ڳالهين جو روحاني ڳالهين سان مقابلو ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پوِتر آتما جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پوِتر آتما جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پوِتر آتما رهي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پاڪ روح جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پاڪ روح رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 2:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ان وقت پاڪ روح اوھان کي اھو ڪي سيکاريندو جيڪو اوھان کي چوڻ کپي.“


اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.


ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.


جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.


جڏھن آءٌ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن وٽ آيو ھوس تہ مون خدا جي پيغام جي تبليغ وڏن لفظن ۽ ڏاھپ کان سواءِ ڪئي ھئي.


پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.


منھنجي تقرير ۽ تبليغ، ڏاھپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جھڙيون ثابت ٿي ويون،


جيڪڏھن اسان اوھان ۾ روحاني شيون پوکيون آھن، تہ پوءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي جو اوھان مان اسين مادي شيون لڻون.


اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.


مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.


انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.


جڏھن اسان اوھان کي پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني ھئي، تڏھن بناوٽي آکاڻين تي ڪونہ لڳا ھئاسين. پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاھد ھئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ