Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:19 - Common Language New Testament

19 ايشيا پرڳڻي جون ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ پرسڪلا ۽ سندن گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا اوھان کي پرجوش مسيحي سلام ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 آسيا صوبي جون وشواسي منڊليون اوهان کي نمسڪار ڪن ٿيون. اڪولا ۽ سندس پتني پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ منڊليءَ سميت اوهان کي پرڀو يسوع ۾ پرجوش نمسڪار ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.


پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.


اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِ⁠جو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو،


ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ بي⁠ڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.


اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.


جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا،


فِللگس، يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، المپاس ۽ انھن سڀني ايمان وارن کي بہ جيڪي انھن سان گڏ آھن، منھنجا سلام ڏجو.


لوديڪيا شھر جي ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ڀيڻ نمفا ۽ سندس گھر ۾ جيڪا ڪليسيا آھي، تن کي منھنجا سلام ڏجو.


پرسڪلا، اڪولا ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏج.


۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي.


ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن.


جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ