Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:15 - Common Language New Testament

15 اوھان کي استفناس ۽ سندس گھر جي ڀاتين بابت خبر آھي تہ اھي اخيا پرڳڻي ۾ پھريان شخص آھن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. ھنن پاڻ کي خدا جي ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن يسوع مسيح تي وشواس آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهن جي سيوا لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا.


ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھمان⁠نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


پر في⁠الحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.


تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي.


اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي.


جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ آھي، تنھن کي بہ سلام ڏجو. منھنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو ايشيا جي علائقي ۾ پھريون شخص آھي جنھن مسيح تي ايمان آندو ھو.


ھا، مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آھي. پر انھن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنھن ٻئي کي بپتسما ڏني ھجي.


ھاڻي آءٌ يروشلم جي ڪليسيا جي مدد لاءِ چندي بابت اوھان کي ٻڌايان ٿو. جيئن مون گلتيا جي ڪليسيائن کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن اوھين بہ ڪجو.


آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي خوش آھيان، ڇوتہ انھن اھا جاءِ ڀري آھي جيڪا اوھان جي گھٽتائيءَ جي ڪري رھجي ويئي ھئي.


ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن.


ايمان وارن لاءِ جيڪا خدمت ڪجي ٿي، تنھن بابت مون کي اوھان ڏانھن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آھي.


اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.


تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ