Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:12 - Common Language New Testament

12 ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 باقي ڀاءُ اپلوس جي نسبت ۾ مون کيس گهڻي منٿ ڪئي تہ ڀائرن سان گڏ اوهان وٽ اچي، مگر هن وقت هن جي اچڻ جي بلڪل مرضي ڪانہ هئي، پر جڏهن وجهہ ملندس، تڏهن ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي.


انھن ڏينھن ۾ اپلوس نالي ھڪڙو يھودي جيڪو اسڪندريہ جو رھاڪو ھو سو اِفسس ۾ آيو. ھو ھڪ سٺو تقرير ڪندڙ ھو ۽ کيس پاڪ ڪتابن جي گھڻي ڄاڻ ھئي.


اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.


جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“


منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“


جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن.


تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي.


زيناس وڪيل ۽ اپلوس کي اھڙي بندوبست سان روانو ڪج جيئن ھو ڪنھن شيءِ جا محتاج نہ ھجن.


پر جڏھن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مھرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاھر ٿي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ