Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:11 - Common Language New Testament

11 تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تنهنڪري ڪوبہ هن کي نيچ نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ شانتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


ھنن ڪجھہ وقت اتي گذاريو. پوءِ ڀائرن کان خير وَ سلامتيءَ سان موڪلائي انھن ڀائرن ڏانھن روانا ٿيا، جن کين موڪليو ھو.


جيڪڏھن تيمٿيس اوھان وٽ اچي تہ خيال رکجو تہ جيئن ھو اوھان سان بي⁠ڊپو ٿي رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو بہ خداوند جو ڪم ائين پيو ڪري جيئن آءٌ پيو ڪريان.


شايد آءٌ اوھان وٽ ڪجھہ وقت ٽڪان، يا سڄو سيارو گذاريان، انھيءَ ڪري تہ جيئن مسافريءَ ۾ جيڏانھن بہ وڃان تہ اوھين مدد ڪري مون کي روانو ڪري سگھو.


تنھنڪري سوچيم تہ مڪدونيا ڏانھن ويندي ۽ وري اتان موٽندي اوھان سان ملان، تہ جيئن اوھين مون کي يھوديہ ڏانھن روانو ڪريو.


تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.


ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


سو اھي ڳالھيون آھن، جيڪي تو کي سيکارڻيون آھن. پوري اختياريءَ سان ماڻھن کي نصيحت ڪر ۽ ملامت ڪر. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي حقارت ڪرڻ نہ ڏي.


ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ