Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:52 - Common Language New Testament

52 ھڪدم، اک ڇنڀ ۾، آخري صور جي ڦوڪڻ سان ئي. اھا صور ڦوڪي ويندي، مئل غير فاني حالت ۾ اٿاريا ويندا ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:52
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


انھيءَ ڳالھہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن سڀيئي قبرن وارا سندس آواز ٻڌندا


پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.


اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.


انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.


پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.


پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“


پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ