Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:51 - Common Language New Testament

51 ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51-52 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ ڀيد جي ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين وشواسي سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري توتاري جي وڄڻ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيوت سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اهو توتارو جڏهن وڄايو ويندو، تڏهن مري ويلن کي ابناسي حالت ۾ جيوت ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51-52 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:51
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.


تہ پوءِ چئجي تہ جيڪي⁠بہ مسيح تي ايمان آڻيندڙ مري چڪا آھن سي برباد ٿي ويا.


پر سچ⁠پچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي.


تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن.


بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.


ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن،


ھاڻي اسين ڪنجھي رھيا آھيون ۽ ڪيڏي نہ وڏي تمنا پيا ڪريون تہ پنھنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيون.


ڇالاءِ⁠جو اسين ھن جھوپڙيءَ ۾ رھي بار جي ھيٺان دٻجي ڪنجھي رھيا آھيون. اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ نہ ٿا چاھيون، پر ان تي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھرڻ چاھيون ٿا، تہ جيئن مرڻ ھارڪو جسم حياتيءَ ۾ بدلجي وڃي.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


خدا پنھنجو ھي راز الھام جي ذريعي مون کي ٻڌايو، جنھن جو احوال مختصر طور اڳي ئي اوھان ڏانھن لکيو اٿم.


اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.


ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ