Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:34 - Common Language New Testament

34 نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:34
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.


ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“


پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي.


آءٌ ھي ڳالھيون اوھان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنھنجا پيارا ٻار سمجھي اوھان کي نصيحت ٿو ڪريان.


آءٌ چوان ٿو تہ اوھان کي شرم اچڻ گھرجي. ڇا اوھان ۾ ڪوبہ اھڙو سياڻو ڪونھي جيڪو اوھان ايمان وارن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟


پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بت⁠پرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا.


ڇالاءِ⁠جو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“


يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ