Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:27 - Common Language New Testament

27 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪتابن ۾ لکيل آھي تہ ”خدا ھر ڪا شيءِ سندس قدمن ھيٺان ڪئي.“ ھاڻي جڏھن ائين چئجي ٿو تہ ھر ڪا شيءِ سندس ھٿ ھيٺ ڪئي ويئي آھي تہ ظاھر آھي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آھي، جنھن سڀڪا شيءِ مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ جو خدا سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪيو آهي. پر جڏهن هو چوي ٿو تہ سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو ويو آهي، تڏهن ايترو ظاهر آهي تہ جنهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ڪيو سو ڌار رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 اهو ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ ايشور پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اهو ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.


عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


اھا قدرت خدا جي زبردست طاقت جي ان اثر موجب آھي جيڪو ھن مسيح ۾ ظاھر ڪيو، جڏھن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان ۾ پنھنجي ساڄي پاسي ويھاريائين.


اھڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڪليسيا جي ھر ڳالھہ جو سر بڻايو.


ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏھن بہ ڪنھن کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن جي صندلي نہ بڻايان؟“


پر مسيح گناھن جي لاءِ ھڪڙي ئي قرباني ھميشہ جي واسطي چاڙھي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“ خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون.


ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ