Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:13 - Common Language New Testament

13 پر جي مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جِي ڪونہ اٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جيڪڏهن مُئلن جي قيامت ڪانہ آهي، تہ مسيح بہ جي ڪونہ اُٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جيڪڏهن مئل جيوت ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو صدوقي نہ ملائڪن کي ٿا مڃين، نڪي روحن کي ۽ نہ ئي وري جيئري ٿيڻ کي. پر فريسي اھي سڀ ڳالھيون مڃين ٿا.


جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.


نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.


ھاڻي جيڪڏھن تبليغ ڪجي ٿي تہ مسيح مئلن مان جِي اٿيو آھي، تہ اوھان مان ڪي ڪيئن چئي سگھن ٿا تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿارجن؟


جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي.


پر سچ⁠پچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي.


ڇالاءِ⁠جو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو.


ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.


اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.


جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي،


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ