Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:4 - Common Language New Testament

4 جيڪو ماڻھو عجيب ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالھائي سو رڳو پنھنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جو سڌارو ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو پنهنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ڪليسيا کي ٿو سڌاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيڪو ماڻهو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي سو منڊليءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو ماڻهو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا.


پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون.


پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ.


جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.


جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.


سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.


تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري.


منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ