Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:31 - Common Language New Testament

31 اھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي ھڪ ھڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي ھمت⁠افزائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي هڪڙو هڪڙو ٿي نبوت ڪري سگهندا، انهي لاءِ تہ سڀيئي سکن ۽ نصيحت حاصل ڪن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 اهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي هڪ هڪ ٿي ايشور جو سنديش ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي همت‌افزائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي هڪ هڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي همت‌افزائي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعني منھنجو مطلب آھي تہ اسان ٻنھي کي مدد ملندي، اوھان جي ايمان سان مون کي ۽ منھنجي ايمان سان اوھان کي.


پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏھہ ھزار عجيب ٻوليءَ وارا لفظ ڳالھائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالھائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري.


پر جيڪڏھن ڪنھن ويٺل تي خدا جو پيغام ظاھر ٿئي تہ ڳالھائيندڙ بس ڪري کيس ڳالھائڻ ڏئي.


خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن.


جيڪڏھن اھي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنھنجي پنھنجي مڙس کان پڇي معلوم ڪن. باقي ڪليسيا جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ عورت لاءِ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.


ھو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل انھيءَ تسليءَ سان انھن کي دلداري ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنھن مصيبت ۾ آھن.


آءٌ ھن کي اوھان ڏانھن انھيءَ مقصد لاءِ موڪلي رھيو آھيان تہ اوھان کي معلوم ٿئي تہ اسين ڪيئن آھيون ۽ اھو بہ تہ جيئن ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي.


اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.


تنھنڪري اوھين انھن ڳالھين سان ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھو.


تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچ⁠پچ اوھين ڪريو بہ پيا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ