Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:26 - Common Language New Testament

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاش‌واڻي ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.


جيڪڏھن ڪنھن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو خدمت ڪندو رھي. جيڪڏھن اھا نعمت تعليم ڏيڻ جي ھجي تہ ھو تعليم ڏيندو رھي.


پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون.


اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجي پاڙيسريءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن ھن جي ايمان ۾ بہ واڌارو اچي.


تڏھن آءٌ ڇا ڪندس؟ آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ عقل سان بہ. آءٌ روح سان بہ ڳائيندس ۽ عقل سان بہ.


جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.


عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي.


پر سڀ ڪجھہ چڱيءَ طرح ۽ ترتيب سان ھجڻ گھرجي.


اوھين اڃا تائين شايد ائين سمجھندا ھوندا تہ اسين اوھان جي اڳيان پنھنجو بچاءُ ڪري رھيا آھيون. پر اسين خدا کي حاضرناظر ڄاڻي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري ڳالھايون ٿا. اي عزيزو! ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي سڌاري لاءِ آھي.


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.


اتان ئي سارو بدن، سنڌ سنڌ جي ڳنڍجڻ سان جڙي ٿو. سو جيڪڏھن ھر ھڪ عضوو صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ٿو تہ سارو بدن وڌي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رھي ٿو.


اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.


اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.


تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچ⁠پچ اوھين ڪريو بہ پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ