Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:23 - Common Language New Testament

23 تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن ساري ڪليسيا جا ماڻھو ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھائين ۽ ڪي اوپرا ۽ ايمان نہ آڻيندڙ ماڻھو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اھي کين چريو نہ سمجھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهنڪري جيڪڏهن ساري ڪليسيا هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي، ۽ سڀيئي ڌاريون ٻوليون ڳالهائين، ۽ جيڪڏهن اوپرا يا بي دين ماڻهو اندر لنگهي اچن، تہ اُهي ائين ڪين چوندا تہ اوهين چريا آهيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي منڊليءَ جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير وشواسي ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي ڪليسيا جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير ايمان وارا ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بي⁠ايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس.


انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“


جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“


اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻ⁠بڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ