Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:22 - Common Language New Testament

22 تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهنڪري ٻوليون ايمان وارن جي لاءِ نہ پر جيڪي ايمان وارا نہ آهن تن لاءِ نشان آهن، ۽ نبوت انهن لاءِ نشان نہ آهي جيڪي ايمان وارا نہ آهن، پر انهن لاءِ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻ‌ڄاتل ٻوليون مسيح تي وشواس رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي وشواس نہ ٿا رکن، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وشواس نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر وشواس رکندڙن لاءِ نشان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻ‌ڄاتل ٻوليون مسيح تي ايمان رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي ايمان نہ ٿا رکن، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ايمان نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر ايمان رکندڙن لاءِ نشان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:22
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا.


تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بي⁠ايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس.


تہ پوءِ محبت جا طلبگار ٿيو ۽ شوق سان روحاني نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪريو ۽ خاص ڪري خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.


اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ