Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 13:9 - Common Language New Testament

9 ڇالاءِ⁠جو اسان جو علم ناقص ۽ اسان جي پيشنگوئي اڻ⁠پوري آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اسان جو علم ناقص آهي ۽ اسان جي نبوت ڪامل ناهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي، ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي، ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 13:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.


جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند جي ارادي جي ڪنھن کي خبر آھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟


پر جڏھن ڪامل ايندو تہ ناقص ختم ٿي ويندو.


ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾، چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون، پر پوءِ روبرو ڏسنداسين. ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو، پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس، جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي.


پر جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي، ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي ۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي، سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي آھي.“


جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ