Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:28 - Common Language New Testament

28 خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان رسول، ٻيا خدا جو پيغام ڏيندڙ، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:28
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا.


شمعون جنھن جو نالو پطرس رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برٿلمئي،


انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا.


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا.


حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي.


ڇا سڀيئي رسول آھن؟ ڇا سڀيئي نبي آھن؟ ڇا سڀيئي استاد آھن؟ ڇا سڀيئي معجزا ڪندڙ آھن؟


ڇا سڀني کي شفا ڏيڻ جون نعمتون مليل آھن؟ ڇا سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟


جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.


جيڪو ماڻھو عجيب ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالھائي سو رڳو پنھنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جو سڌارو ٿو ڪري.


منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي.


اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.


اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.


پنھنجي سڀني اڳواڻن ۽ سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. اٽليءَ وارا بہ اوھان کي سلام ٿا چون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ