Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:26 - Common Language New Testament

26 جيڪڏھن ھڪڙي عضوي کي ڏک رسي ٿو تہ سڀني عضون کي انھيءَ سان گڏ ڏک ٿو رسي. پر جيڪڏھن ھڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انھيءَ سان گڏجي سڀ خوشي ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي خاص مان ملي ٿو تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:26
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في⁠الحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.


جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


انھيءَ لاءِ تہ جيئن بدن ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي ۽ سڀيئي عضوا ھڪ ٻئي جي ھڪجھڙي سنڀال ڪن.


سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي.


اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.


قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.


مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ