Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:30 - Common Language New Testament

30 انھيءَ سبب ڪري اوھان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آھن ۽ ڪيترا تہ مري بہ ويا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 انهي سبب اوهان مان گهڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا مري بہ ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:30
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو.


ھن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڪاريو تہ ”خداوند! ھنن جي ھن گناھہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي ھو مري ويو، جڏھن تہ شائول ھن جي قتل تي راضي ھو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.


جيڪڏھن اسين پنھنجو پاڻ کي جاچيون ھا تہ اسان کي سزا نہ ملي ھا.


جڏھن اسان کي سزا ٿي ملي تڏھن خداوند کان اسان جي تربيت ٿي ٿئي، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ ڏوھاري ثابت نہ ٿيون.


ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،


ڇالاءِ⁠جو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ