Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:29 - Common Language New Testament

29 ڇالاءِ⁠جو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ تہ جيڪو کائي پيئي ٿو، سو جي خداوند جي بدن جو خيال نٿو رکي، تہ پنهنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 ياد رکو، جيڪو شخص اها روٽي کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت پرڀو يسوع جي شرير جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ياد رکو، جيڪو شخص اها ماني کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت خداوند عيسيٰ جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:29
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘


تنھنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي خدا جي حڪم جي مخالفت ڪندا سي پنھنجي سزا ڀوڳيندا.


پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“


تنھنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند جي ماني کائيندو ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جو سندس بدن ۽ رت جي نسبت ۾ گنھگار ٿيندو.


تنھنڪري پھريائين ھر ڪو ماڻھو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ ھن مانيءَ مان کائي ۽ ھن پيالي مان پيئي.


انھيءَ سبب ڪري اوھان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آھن ۽ ڪيترا تہ مري بہ ويا آھن.


پر سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آھي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آھن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ