Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:26 - Common Language New Testament

26 مطلب تہ جڏھن بہ اوھين ھيءَ ماني کائو ٿا ۽ ھيءُ پيالو پيئو ٿا، تڏھن اوھين خداوند جي موت جو اظھار ٿا ڪريو، جيستائين ھو پاڻ موٽي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ روٽي کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين پرڀو يسوع جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ ماني کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين خداوند عيسيٰ جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ تون منھنجي پٺيان اچ.“


ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اھا ڳالھہ مشھور ٿي ويئي تہ اھو شاگرد ڪڏھن بہ نہ مرندو. جيتوڻيڪ عيسيٰ انھيءَ شاگرد کي ائين ڪونہ چيو ھو تہ ”تون مرندين ئي ڪونہ.“ پر ھيئن چيو ھئائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو.“


انھن چيو تہ ”اي گليليو! اوھين آسمان ڏانھن ڇو بيٺا نھاريو؟ اھو ئي عيسيٰ، جيڪو اوھان وٽان آسمان ڏانھن کڄي ويو آھي، ساڳي ئي طرح وري موٽي ايندو جيئن اوھان ھن کي آسمان ڏانھن ويندي ڏٺو آھي.“


پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


ڇالاءِ⁠جو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.


اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِ⁠جو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو.


تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.


پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.


ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.


ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي، ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي. اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو، ۽ دنيا جون سڀ قومون ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.


جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ