Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:19 - Common Language New Testament

19 اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ ڏڦيڙ بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ تفرقا بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.


عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا.


جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“


پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“


خود اوھان منجھان ئي ڪي اھڙا ماڻھو نڪرندا جيڪي ايمان وارن کي برغلائڻ لاءِ ابتيون سبتيون ڳالھيون ٻڌائيندا.


آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.


ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي.


گھڻي وقت کان وٺي اھي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏھن مرضي ھجين تہ شاھدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنھنجي مذھب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو ھوس.


پر اسين تنھنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ جنھن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنھن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت ھلي ٿي.“


پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا


سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان اتي اچان ۽ جيئن آءٌ چاھيان ٿو تيئن اوھان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوھين نہ ٿا چاھيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آھي تہ متان اوھان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ھٺ ۽ فساد ٿين.


بت⁠پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي،


تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.


مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ