Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:33 - Common Language New Testament

33 اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:33
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي.


تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.


ھر ڪو ماڻھو پنھنجو ئي ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.


محبت بدتميزي يا بي⁠ادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.


ھاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوھان وٽ اچڻ لاءِ تيار آھيان ۽ اوھان تي بار نہ ٿيندس. ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان جي مال جي نہ بلڪ اوھان جي ضرورت آھي. ھن ڪري جو ٻارن کي ماءُ⁠پيءُ جي لاءِ نہ، بلڪ ماءُ⁠پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي.


اوھين اڃا تائين شايد ائين سمجھندا ھوندا تہ اسين اوھان جي اڳيان پنھنجو بچاءُ ڪري رھيا آھيون. پر اسين خدا کي حاضرناظر ڄاڻي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري ڳالھايون ٿا. اي عزيزو! ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي سڌاري لاءِ آھي.


ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.


ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ