Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:17 - Common Language New Testament

17 جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيئن تہ روٽي هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو شرير آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ روٽيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيئن تہ ماني هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو بدن آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ مانيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.


اوھين خداوند جي پيالي ۽ ڀوتن جي پيالي ٻنھي مان پي نہ ٿا سگھو ۽ اوھين خداوند جي دسترخوان ۽ ڀوتن جي دسترخوان ٻنھي تي شريڪ ٿي نہ ٿا سگھو.


جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.


سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي.


اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.


اتان ئي سارو بدن، سنڌ سنڌ جي ڳنڍجڻ سان جڙي ٿو. سو جيڪڏھن ھر ھڪ عضوو صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ٿو تہ سارو بدن وڌي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رھي ٿو.


تنھنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوھان مان ھر ڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين سڀ ھڪ ئي بدن جا عضوا آھيون.


ھڪڙو ئي بدن آھي ۽ ھڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوھين بہ ھڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آھيو.


اھو ماڻھو بدن جي سر يعني مسيح سان لاڳاپو نہ ٿو رکي، جنھن سان سارو بدن، سنڌن ۽ ٻنڌن جي وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍجي ٿو ۽ پرورش پائي خدا جي مرضيءَ سان وڌندو ٿو وڃي.


اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.


مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ