1.ڪرنٿين 10:13 - Common Language New Testament13 اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible13 اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. ايشور سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |