Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:7 - Common Language New Testament

7 ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جنهنڪري اوهان کي ڪنهن بہ نعمت جي ڪمي ڪانهي، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ آتمڪ وردان جي ڪمي ڪانہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.


اوھين پاڻ کي انھن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنھنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نھارين تہ جڏھن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ ھڪدم ھن لاءِ در کولين.


سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابن⁠آدم ظاھر ٿيندو.


سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.


نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


ڪھڙيءَ ڳالھہ ۾ اوھان ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ ھن جي تہ آءٌ اوھان تي بار نہ ٿيس؟ جي اھا غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو.


پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان جي ڪري سچار بڻايا وينداسين. انھيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاھہ سان انتظار ڪري رھيا آھيون.


پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون.


جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.


۽ آسمان مان سندس فرزند يعني عيسيٰ مسيح جي اچڻ جو انتظار ڪندا رھو، جنھن کي ھن مئلن مان جياريو. ھو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.


ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.


ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.


تنھنڪري سمجھہ جو سندرو ٻڌي ھوشيار ٿيو ۽ جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت اوھان تي ٿيندو، تنھن جي پوريءَ طرح اميد رکو.


پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو.


پوءِ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي اھڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏھن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.


پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.


پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ