Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:6 - Common Language New Testament

6 تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيئن مسيح جي شاهدي اوهان ۾ قائم آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.


اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“


جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.


جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.


يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


پر مون کي پنھنجي جان جي ڳڻتي نہ آھي ۽ نڪي اھا منھنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اھو فڪر آھي تہ آءٌ پنھنجو دور پورو ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آھي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رھان.


جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘


جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.


حقيقت ۾ مون رسول ھئڻ جون علامتون وڏي صبر سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن سان اوھان تي ظاھر ڪيون.


خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟


اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِ⁠جو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو.


ھن سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڳالھہ جي مناسب موقعي تي شاھدي ڏني ويئي.


تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.


پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.


آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻون گھيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہ پنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.


ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ