Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:30 - Common Language New Testament

30 پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 اهو ايشور ئي تہ آهي جنهن اسان کي يسوع مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي ايشور اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پوِترتائي ۽ مڪتي ملي ٿي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:30
76 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“


انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“


ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.


تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.


منھنجي قوم واري ھيروديون کي منھنجا سلام ڏجو ۽ نرڪسس جي گھر وارن مسيحي ڀائرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو.


منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.


اسان جي گناھن جي لاءِ ھن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ وري کيس جيئرو ڪيو ويو، تہ جيئن ھو اسان کي خدا ڏانھن سچار بڻائي.


خدا جنھن ماڻھوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي پاڻ ڏانھن سچار ليکي ٿو، تنھن کي دائود بہ ھيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ


جيئن ھڪڙي ماڻھوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻھو گنھگار ٿيا، تيئن ھڪڙي ئي ماڻھوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايا ويندا.


۽ جيئن گناھن جي حڪمراني موت جي وسيلي آھي تيئن خدا جي فضل جي حڪمراني سچائيءَ جي وسيلي آھي، جيڪا اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي بخشي ٿي.


تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.


نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.


اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.


ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.


پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي.


حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي.


سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي.


ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو.


جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِ⁠جو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس.


اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.


آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“


انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.


اھو روح اسان جي ميراث جو پھريون حصو آھي، جيستائين انھن ماڻھن جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿئي جيڪي خدا جي ملڪيت آھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلال جي تعريف ٿئي.


اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.


انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِ⁠جو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو.


ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.


۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي.


جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناھن جي معافي ملي آھي.


مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي.


ھي اھو ئي آھي جيڪو پاڻيءَ ۽ رت جي وسيلي آيو، يعني عيسيٰ مسيح. ھو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنھي جي وسيلي آيو آھي.


ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ