Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:27 - Common Language New Testament

27 پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پر ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار مورک ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پر خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان بي‌وقوف ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:27
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.


تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“


عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.


اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.


اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.


جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻھن استيفنس جون اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ اھي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.


ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين خدا جي بخشيل نعمتن کي سمجھي سگھون.


ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“


پر اھو روحاني خزانو مٽيءَ جي ٿانون، يعني اسان جي جسمن ۾ رکيل آھي تہ جيئن خبر پوي تہ اھا تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آھي.


منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ