Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:25 - Common Language New Testament

25 ڇالاءِ⁠جو جيڪا خدا جي بي⁠وقوفي ڀانئجي ٿي، سا ماڻھن جي ڏاھپ کان وڌيڪ آھي ۽ جيڪا خدا جي ڪمزوري ليکجي ٿي، سا ماڻھن جي طاقت کان وڌيڪ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو خدا جي بيوَقوفي ماڻهن کان زيادہ ڏاهپ واري آهي، ۽ خدا جي ڪمزوري ماڻهن کان زيادہ زور واري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ياد رکو، ايشور جون جيڪي ڳالهيون مورکتا ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ ايشور جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ياد رکو، خدا جون جيڪي ڳالهيون بي‌وقوفي ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ خدا جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.


اسين تہ مسيح جي خاطر بي⁠وقوف ٿا سڏجون، پر اوھين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سياڻا ٿا ليکجو. اسين ھيڻا پر اوھين طاقتور، اوھين عزت وارا پر اسين بي⁠عزت ٿا ليکجون.


جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ