Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:2 - Common Language New Testament

2 ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:2
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.


ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون.


انھن ڳالھين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس ۾ اچي پھتو.


ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


حنانياہ چيو تہ ”خداوند! ڪيترن ئي ماڻھن مون کي انھيءَ شخص بابت ٻڌايو آھي تہ ھن تنھنجي ماڻھن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آھن.


ھو ھتي بہ انھيءَ لاءِ آيو آھي تہ وڏن سردار ڪاھنن جي اختياريءَ سان انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري جيڪي تنھنجو نالو وٺن ٿا.“


جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ھن ۾ ھر ھڪ اچي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو يھودين ۽ غير قومن ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. خدا سڀني جو خداوند آھي ۽ جيڪو بہ کيس پڪاري ٿو تنھن تي گھڻي نعمت نازل ڪري ٿو.


خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا.


سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي.


تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.


ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. ھي خط ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ۽ اخيا پرڳڻي ۾ رھندڙ سڀني ايمان وارن ڏانھن آھي.


ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.


جيڪي ايمان وارا ھتي مون سان گڏ آھن سي سڀ گلتيا پرڳڻي جي ڪليسيائن ڏانھن سلام موڪلين ٿا.


ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.


ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.


ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، بلڪ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آھي.


ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي.


منھنجي مرضي آھي تہ مرد ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ ھٿ کڻي دعا گھرن.


پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“ ۽ ”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو، تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“


جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.


خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون.


انھيءَ ڪري عيسيٰ بہ شھر جي دروازي جي ٻاھران ڏک سٺو، تہ جيئن پنھنجي رت جي وسيلي پنھنجيءَ امت کي پاڪ ڪري.


جيئن تہ پاڪ ڪرڻ وارو ۽ پاڪ ٿيڻ وارا ٻئي ساڳئي ئي گھراڻي جا آھن، تنھنڪري عيسيٰ انھن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.


ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ